ٻين تي گند اڇلائڻ وارو پاڻ ڪرپشن جو بادشاهه نڪتو: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ٻين تي گند اڇلائڻ وارو پاڻ ڪرپشن جو بادشاهه نڪتو. پنهنجي ٽوئٽ ۾ مريم نواز شريف چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل گواهي ڏني ته ملڪ ٻن سالن کان ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي رهيو آهي. مريم نواز نالو وٺڻ کانسواءِ ئي چيو ته اُن سچ چيو هو ته ڪرپٽ وزيراعظم هجي ته هرطرف ڪرپشن هوندي آهي، ”پر ماڻهو ايماندار آهي“.