بختاور ۽ محمود چوڌري جو نڪاح مولانا غلام محمد سوهو پڙهايو

ڪراچي: شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي بختاور ڀٽو جو محمود چوڌري سان نڪاح بلاول هائوس ۾ ٻنهي جي گهرڀاتين جي موجودگي ۾ ٿيو. نڪاح پڙهائڻ لاءِ نڪاح خوان مولانا غلام محمد سوهو کي خصوصي طور تي ٺٽي مان گهرايو ويو هو.