ايف آءِ اي جعلي لائسنس جِي جاچ مڪمل ڪري ورتي

ڪراچي : پي آءِ اي جَي پائليٽس لائسنس برانچ جَي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري جعلي لائسنس ٺهرايا، لائسنس لاءِ ورتل امتحان به جعلي هئا: ايف آءِ اي جعلي لائسنس جِي جاچ مڪمل ڪري ورتي، 40پائليٽس، سول ايوي ايشن لائسنس برانچ جي 8 آفيسرن ۽ هڪ خانگي شخص خلاف 3 ڪيس داخل: ايف آءِ اي موجب، پائيلٽس امتحان لاءِ جيڪي تاريخون ڄاڻايون، انهن ڏينهن ۾ يا ته عيد هئي يا وري عام موڪل، ايف آءِ آر ۾ نامزد ايڪٽنگ ايڊيشنل ڊائريڪٽر خالد محمود، سينيئر جوائنٽ ڊائريڪٽر فيصل منظور انصاري، آصف الحق، ايڊيشنل ڊائريڪٽر محمد محمود حسن، سينيئر سپرنٽينڊنٽ ايچ آر عبدالرئوف ۽ پائليٽ محمد ثقلين اڳ ئي گرفتار آهن.