وفاقي سرڪار پاران سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ بل آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي سرڪار سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ آئيني ترميم وارو بل ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ چيو آهي ته اپوزيشن وٽ موقعو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ شفافيت لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪري، سينيٽ اليڪشن لاءِ هاڻي کان ئي ووٽن جا ريٽ لڳايا ويا آهن، جلد حقيقتون پڌريون ڪنداسين، سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽن جي خريداري ۽ وڪري کي روڪي سگهجي ٿو، آئيني ترميم سان ڳجهي ووٽنگ نه ٿيندي، سنگل ٽرانسفر ايبل ووٽ جي جاءِ تي اووپن ووٽ جا لفظ استعمال ڪري رهيا آهيون.