هالينڊ ۾ ڪورونا پابندين خلاف احتجاج شدت اختيار ڪري ورتو، ڀڃ ڊاهه، گرفتاريون

ايمسٽرڊم :هالينڊ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڳو پابندين خلاف احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه جو سلسلو چوٿين رات به جاري رهيو.
گهڻي ڀاڱي نوجوانن طرفان اهو احتجاج ڪورونا وبا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ سختي ۽ رات جو ڪرفيو لاڳو ڪرڻ خلاف ٿي رهيو آهي.
گذريل رات ان احتجاج ۾ شدت ڏٺي وئي، جنهن دوران احتجاج ڪندڙن گاڏين ۽ هنڌن کي نقصان پهچايو، جڏهن ته انهن جون پوليس سان جهڙپون پڻ ٿيون، جنهن ۾ 400 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته هالينڊ ۾ ٻي عالمي جنگ کانپوءِ پهريون ڀيرو سڄي ملڪ ۾ رات جي وقت ڪرفيو هنيو ويو آهي، جنهن جو مقصد ڪورونا وائرس جي تبديل ٿيل قسم جي پکيڙ جي امڪانن کي گهٽ ڪرڻ