ملائيشيا ۾ ضبط ڪيل جهاز پي آءِ اي حوالي ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: ملائيشيا ۾ پي آءِ اي جي جهاز کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي ۽ ليزنگ ڪمپني وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن، ٻنهي جي رضامندي کانپوءِ ملائيشين عدالت ڪيس خارج ڪري ڇڏيو ۽ جهاز پي آءِ اي حوالي ڪيو ويوآهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته هاڻي جهاز ۾ مسافرن کي ويهاري واپس آندو ويندو، جهاز واپس آڻڻ لاءِ عملي کي پاڪستان کان روانو ڪيو ويو آهي، جهاز هڪ يا ٻن ڏينهن اندر واپس اچي ويندو.