پي ڊي ايم اليڪشن ڪميشن ۾ اسان کي ڦاسائڻ پئي گهريو، پراُهي پاڻ ڦاسي پيا: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : پي ڊي ايم اليڪشن ڪميشن ۾ اسان کي ڦاسائڻ پئي گهريو، پر اُهي پاڻ ڦاسي پيا، فڪر نه ڪريو، اپوزيشن اسان لاءِ ڪوبه مسئلو نه آهي، وزيراعظم عمران خان طرفان پارلياماني پارٽي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ ۽ اتحادي جماعتن جي ميمبرز کي خاطري، وزيراعظم چيو آهي ته اپوزيشن احتجاجن تي ڀرپور زور لڳايو، پر عوام سندن ساٿ نه ڏنو، پي ڊي ايم عملي طور ختم ٿي وئي، براڊ شيٽ معاملي جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي، سري محل ۽ حديبيه پيپر ملز ڪيس جي به جاچ ڪرائي ويندي، اجلاس ۾ خطاب دوران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پارليامينٽ ميمبرز شيلٽر هومز جا دور ڪن، غريبن جو احساس ڪنداسين ته ٻيا معملا به ٺيڪ ٿي ويندا.