پهريون ٽيسٽ: ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ٻه سئو ويهه رنسن تي ڍير

ڪراچي: ڏکڻ آفريڪا جي سموري ٽيم پاڪستان جي خلاف 220 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي.پهرين اننگز ۾ ڊين ايلگر 50 رنسن سان پهرين نمبر تي رهيو. جارج لائنڊ 35 ۽ ڪپتان ڪونئن ڊي ڪوڪ 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. فف ڊوپليسز پنهنجي ٽيم جي اسڪور ۾ 23 رنسن جو اضافو ڪيو.پاڪستان طرفان ياسر شاهه 3، شاهين آفريدي ۽ نعمان 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ڏکڻ آفريقا جي طرفان اننگز جي شروعات ڊين الگر ۽ ايڊين مارڪرم ڪيو ۽ پهرين اوور ۾ ئي جارحانه راند پيشي ڪئي پر ايڊين مارڪرم 13 رنسون ٺاهي شاهين شاهه آفريدي جي بال تي آئوٽ ٿي ويو.ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت بابر اعظم ڪري رهيو آهي.