چين دنيا کي ”نئين سرد جنگ“ جي خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو

ڊيووس: چين هڪ دفعو ٻيهر دنيا کي”نئين سرد جنگ“ جي خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو
عالمي خابرو اداري موجب ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته وڇوٽيون پيدا ڪرڻ يا نئين سرد جنگ جي شروعات ڪرڻ ۽ ٻين کي ڌمڪائڻ جي ڪوششن سان دنيا وڌيڪ ورهائجي ويندي.
آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي چيني صدر جو ڪنهن عالمي فورم تي پهريون ڀيرو پنهنجي خيالن جو اظهار هو، هن اڳوڻي صدر ٽرمپ پاران چين جي خلاف قدمن ڏانهن اشارو ڪندي ان کي ماضيءَ وانگر نئين سرد جنگ سان ڀيٽ ڪئي.
صدر شي جن جو چوڻ هو ته ڪورونا وبا کانپوءِ پيدا ٿيندڙ حالتن ۾ دنيا کي گڏ ٿي حالتن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ چين کي ڪافي محنت ڪرڻي پوندي، جڏهن پوري انسانيت خطري ۾ آهي ته چين ضرور هڪ قدم اڳتي وڌائي پنهنجو فرض ادا ڪندو.
هن جو چوڻ هو اسان کي آزاد عالمي معيشت جي اڏاوت ڪرڻي آهي جنهن ۾ سمورين ڌرين جي مفادن جو تحفظ ڪندڙ واپاري پاليسيون تشڪيل ڏنيون وڃن جنهن ۾ اهڙو اصول ۽ نظام نه هجي جيڪو واپاري لاڳاپن، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالوجي جي ڏي وٺ ۾ بلند ديوارون ۽ رڪاوٽون پيدا ڪري