افغناستان ۾ اٽلي جي سفارخاني جي گاڏي تي حملو، پنج ڄڻا زخمي

افعانستان: راڄڌاني شهر ۾ اطالوي سفارتخاني جي گاڏي زوردار ڌماڪي ۾ تباهه ٿي وئي، جنهن ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
عالمي خابرو اداري موجب ڪابل ۾ اٽلي جي سفارتخاني جي گاڏي ملازمن کي کڻي مرڪزي رستي ڏي وڃي رهي هئي ته اچانڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڪابل پوليس جي ترجمان موجب جيئن ئي گاڏي مرڪزي رستي تي آئي ته باروندي سرنگهه جو ڌماڪو ٿيو، واقعي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي.