بغداد ۾ آپگهاتي ڌماڪا، 32 ڄڻا مارجي ويا، 100 کان وڌيڪ زخمي

بغداد : عراقي تخت گاهه بغداد ۾ ٻن آپگهاتي ڌماڪن ۾ 32 ڄڻا مارجي ويا ۽ 110 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
عراقي اختيارين موجب آپگهاتي جيڪيٽ پاتل ٻن حملي آورن وچ بغداد جي ڳُتيل مارڪيٽ ۾ وچ هجوم ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.
اختيارين مارجي ويلن جي انگ ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته ڪنهن به ڌڙي اڃا تائين اهڙي ڪارروائي جي ذميواري ناهي قبولي.