عمران خان کي آڻڻ لاءِ يهودين پندرنهن سال محنت ڪئي: فضل الرحمان

ڪراچي: جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي سربراهه مولانا فضل الرحمان الزام هنيو آهي ته عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي ۽ ان کي آڻڻ جي لاءِ يهودين 15 سال محنت ڪئي آهي.

رات دير سان جامعه انوارالعلوم مهران ٽائون ڪورنگي ۾ جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي مجلس شوريٰ جي اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فصل الرحمان چيو ته اسان آئين جو حلف کنيو آهي ۽ بي خوف ٿي اڳيان وڌندا آهيون.

هن چيو ته اسان ٽي ٽي پي جي سپلائي لائن کي روڪي ثابت ڪيو ته اسان محب وطن پاڪستاني آهيون. اسان مدرسن جي شاگردن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪري رهيا آهيون ته هي ماڻهو پريشان آهن ۽ منع ڪري رهيا آهن.

جي يو آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اڄ جي جنگ تهذيبن جي جنگ آهي هي حڪومت هڪ ايجنڊا  جي تحت آندي وئي آهي هنن جو مقصد پاڪستان کي خطي ۾ اڪيلو ڪرڻ آهي. عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي ۽ عمران خان کي آڻڻ جي لاءِ يهودين 15 سال محنت ڪئي آهي. عمران بابت اهي ڳالهيون سندس نمائندا به مڃيندا آهن.