سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ 170 ملين جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي : سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ 170 ملين جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪي ايم سي بابت اجلاس دوران وڏي وزير کي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي، مراد علي شاهه چيو ته ڪي ايم سي کي اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون، شهر جي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين.