پي ڊي ايم جا سمورا مامرا مولانا فصل الرحمان جي کاتي ۾ اچي رهيا آهن: شيخ رشيد

ڪراچي : پرڏيهي فنڊنگ ڪيس پاناما 2 بڻجي ويندو، مريم نواز کي مشورو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس پڙهي، سندن کوڙ ساريون ملڪيتون ظاهر ٿيڻ واريون آهن، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم جا سمورا مامرا مولانا فصل الرحمان جي کاتي ۾ اچي رهيا آهن، جنهن سان کيس نقصان ٿيندو، مولانا فضل الرحمان کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته پهرين به توهان سان دوکو ٿيو، هاڻي به دوکو ٿيندو، اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج دوران اپوزيشن سهڪار ڪيو ته حڪومت به سهڪار ڪيو، لانگ مارچ ۾ به پي ڊي ايم سهڪار ڪندي ته حڪومت به ساڳي موٽ ڏيندي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته ايم ڪيو ايم سان سڄي زندگي سٺو واسطو رهيو آهي، وقت نه هجڻ سبب هن ڀيري متحده وارن ڏي نه ويندس..