ڪورونا وڌيڪ 54 حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس هڪ ڏينهن دوران 54 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 43 هزار 244 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 75 لک 25 هزار 432 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 363 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 27 هزار 146 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب  هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 38 هزار 470، پنجاب ۾ هڪ لک 51 هزار 603، ڪي پي ڪي ۾ 64 هزار 373، اسلام آباد ۾ 40 هزار 430، بلوچستان ۾ 18 هزار 670، آزاد ڪشمير ۾ 8/ هزار 706 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 894 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 35 هزا 293 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 54 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 11 هزار 157 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 2 هزار 173 مريص صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 60 هزار 696 ٿي ويو آهي.