سنڌ جَي مڪاني ادارن واري کاتي ۾ گريڊ 11 کان 18گريڊ تائين جي ملازمن ۽ ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي: سنڌ جَي مڪاني ادارن واري کاتي ۾ گريڊ 11 کان 18گريڊ تائين جي ملازمن ۽ ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون، ڊي ايم سي ويسٽ جي ايڊمن برانچ جي18هين گريڊ جي ڊائريڪٽر زاهد خواجا کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، سپرينٽينڊنٽ غلام حسين شيخ کي اضافي چارج ڏني وئي، سجاول ٽائون ڪميٽي جي 17هين گريڊ جي سپرينٽنڊنٽ عمران جهتيال کي ڊي ايم سي ڪياماڙي مقرر ڪيو ويو، بوزدار وڏا ٽائون ڪميٽي جي ٽيڪس سپرينٽينڊنٽ يوسف شيخ ٽائون ڪميٽي ٽنڊو مير علي ۾ مقرر، سانگهڙ جي يوسي جمعا خان جي سيڪريٽري اڪرم چانڊيو کي يوسي 15 بهلاڻي جي اضافي چارج ڏني وئي، جتان فهد سامٽيو کي بدلي ڪري نوشهروفيروز جي يوسي سيدپور ۾ مقرر ڪيو ويو، عرفان کنڊ يوسي ڏيپارجا ۾ سيڪريٽري مقرر، جاتي ٽائون ڪميٽي جي 11هين گريڊ جي ملازم بشير ڪنڀر کي ٽائون ڪميٽي گهوڙا ٻاري جي اڪائونٽنٽ جي اضافي چارج ملي وئي، مڪاني ادارن واري سيڪريٽري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.