ٽرمپ جو سياسي ڪيريئر ختم ٿي چڪو آهي: ايراني صدر

تهران : ايراني صدر حسن روحاني نئين آمريڪي صدر جو بائيڊن کي اپيل ڪئي آهي ته هو 2015 ۾ جوهري ڊيل جو حصو بڻجي ۽ ايران تي لاڳو اقتصادي پابنديون ختم ڪري.
ٽي وي تي لائيو تقرير دوران حسن روحاني چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ڊيل جو حصو بڻجي ٿو ته ايران به ڊيل جي شرطن تي عمل ڪندو.
هن آمريڪي صد رجو عهدو ڇڏيندڙ ڊونلڊ ٽرمپ تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هن جي ايران تي حد کان وڌيڪ دٻاءَ جي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي، ٽرمپ جو سياسي ڪيريئر هاڻ ختم ٿي چڪو آهي.