وفاقي حڪومت پاران ڪشميرين سان ايڪتا لاءِ 5 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ڪشميرين سان ايڪتا لاءِ 5 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.وفاقي گهرو وزارت 5 فيبروري تي عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.ايڪتا جي ڏينهن تي سموري ملڪ ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري تقريبون ڪوٺايون وينديون.ان کانسواءِ سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍيون وينديون، مذاڪرا ڪرايا ويندا ۽ ڪانفرنسون ٿينديون.جن ۾ ڪشمير جي مسئلي جي اهميت اجاڳر ڪيو ويندو.