بحرين پاڪستان کي شڪست ڏئي والي بال ڪپ کٽي ورتو

مناما: بحرين پاڪستان کي شڪست ڏئي اي وي سي ايشين مينز والي بال نيشنز ڪپ کٽيو.مناما ۾ منعقد ٿيندڙ ايونٽ جي فائنل ۾، پهرين سيٽ ۾ پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ هڪ دلچسپ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان 23 جي مقابلي ۾ 25 پوائنٽن سان ڪاميابي حاصل ڪئي، پر ان کان پوءِ هوم ٽيم شاندار واپسي ڪئي ۽ پاڪستاني ٽيم کي دٻاءُ ۾ آڻي ڇڏيو. بحرين ٻيو سيٽ 25-16 جي اسڪور سان کٽي ميچ برابر ڪيو ۽ پوءِ ايندڙ ٻئي سيٽ 25-17 ۽ 25-18 جي اسڪور سان کٽي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.