جوبائيڊن اڄ آمريڪا جي ڇائيتاليهين صدر جو حلف کڻندو

واشنگتن: آمريڪا جو 46هون صدر جوبائيڊن اڄ حلف کڻندو. جوبائيڊن حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ واشنگٽن پهچي ويو آهي.

مقامي وقت موجب تقريب جي شروعات ساڍي يارهين وڳي ٿيندي ۽ حلف برداري ٻنپهرن جو ٻارهين وڳي ٿيندي. حلف برداري کان پوءِ جوبائيڊن وائٽ هائوس منتقل ٿي ويندو جتي هو صدر جي حيثيت سان چار سال گذاريندو. جوبائيڊن جي حلف کڻڻ کان پوءِ ڪملا بيرس نائب صدر بڻجي ويندي پر اها پنهنجو حلف جوبائيڊن کان اڳ کڻندي.

آمريڪا ۾ اها روايت رهي آهي ته مدو پورو ڪندڙ صدر نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري تقريب ۾ موجود هوندو آهي پر ڊونلڊ ٽرمپ هن تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو. ٽرمپ جي بجاءِ وائٽ هائوس جو چيف نئين صدر جو استقبال ڪندو. ڊونلڊ ٽرمپ جوبائيڊن جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه  ڪئي ته آمريڪي تاريخ ۾ هڪ سئو سٺ سالن کان پوءِ ائين ٿيندو.

ڇهه جنوري تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين طرفان ڪيپيٽل بل تي حملي کان پوءِ آمريڪي حڪومت غيرمعمولي سيڪيورٽي مقرر ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ ڪرفيو جهڙو ماحول آهي، نيشنل گارڊ جا 25 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر آهن. احتجاج کي نظر ۾ رکندي ڪيترين ئي رياستن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ آمريڪي پارليامينٽ کي لوهي جنگلا لڳائي بند ڪيو ويو آهي.

واشنگٽن جي نيشنل مال سميت ڪيترائي وڏا پارڪ به بند آهن. ورجينيا ۽ ڪولمبيا جو رستو به بند ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ڪيتريون ئي سب وي اسٽيشنون به بند ڪيون ويون آهن. رپورٽ موجب نيشنل گارڊز شهر جا اهم روڊ رنڊڪون لڳائي بند ڪري ڇڏيا آهن.

حلف برداري تقريب کان اڳ گارڊز جي خصوصي اسڪريننگ به ڪئي وئي آهي. نيشنل گارڊ جي 12 ڄڻن کي مخالف ڌر جي انتها پسند گروپن سان لاڳاپن سبب سيڪيورٽي تان هٽايو ويو آهي.