پاڪستاني شاگردن پاران وهندڙ پاڻي مان بجلي ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو

ڪراچي: عثمان انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي شاگردن وهندڙ پاڻي مان بجلي ٺاهيندڙ ٽربائين تيار ورتي آهي.
ٽيڪنيڪي تعليم ڏيندڙ ڪراچي جي اداري عثمان انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي شاگردن ٽربائن ٺاهي ڪراچي جي نالن ۽ پاڻي جي وهڪرن مان بجلي ٺاهڻ جو آئيڊيا ڏنو آهي، هو ان ٽربائن کي حب ندي کان ڪراچي کي سپلاءِ ٿيندڙ پاڻي جي وهڪري ۾ هڻي ڪامياب تجربو ڪري چڪا آهن.
واٽر ٽربائن ٺاهيندڙ ٽيم ۾ شامل نوجوان انجنيئر سعد سرمد ستار جو چوڻ آهي ته حڪومت سرپرستي ڪري يا پاور ڪمپنيون دلچسپي وٺن ته ڪراچي جي پاڻي وهڪرن مان سستي بجلي ٺاهي توانائي جي کوٽ ختم ڪري سگهجي ٿي.
هن چيو ته آزمائشي بنيادن تي واٽر ٽربائن تي ڏيڍ لک خرچ ٿيو جڏهن ٺاهڻ ۾ چئن مهينن جو وقت لڳو جنهن کي ”براق“ جو نالو ڏنو ويو آهي، سعد سرمد ستار چيو ته سندس ٽيم متبادل ذريعن مان ماحول دوست بجلي ٺاهڻ جي طريقن ۾ دلچسپي ورتي پر پاڻي مان بجلي پيدا ڪرڻ واري طريقي جي چونڊ ڪئي، ڇو ته پاڻي هر وقت هر جاءِ تي هوندو آهي.
واٽر ٽربائن ٺاهيندڙ ٽيم جي ميمبرن جي عمر 25 سالن کان گهٽ آهي، جنهن ۾ سعد سرمد ستار کان علاوه عبدالله شامل آهن جڏهن ته ان پروجيڪٽ جي رهنمائي ۽ نگراني ڊاڪٽر ظفر علي، ملڪ محمد علي، ظفر احمد خان، ڊاڪٽر عبدالقدير ڪئي آهي.
ياد رهي ته ان قسم جي ٽربائن ٺاهڻ ۾ ڪينيڊا جي ٽيم کي ڪيترائي سال ٿيا هئا.