واٽس ايپ پاليسي ۾ تبديلي ملتوي، فواد چوڌري فيصلو صحيح قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري واٽس ايپ طرفان پاليسي ۾ واڌ جي فيصلي کي صحيح قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سماجي رابطي جي ويب سائٽ فيس بڪ جي ذيلي ڪمپني(واٽس ايپ) پنهنجي نئين پاليسي ۾ تبديلي سان لاڳاپيل فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو هو. واٽس ايپ صارفين طرفان سخت تنقيد سامهون اچڻ کان پوءِ سماجي رابطي جي ويب سائٽ فيس بڪ سان گڏ ڊيٽا شيئر ڪرڻ بابت پاليسي ۾ تبديلي جي ڊيڊ لائن اڳيان وڌائڻي هئي. جنهن کان پوءِ سڄي دنيا جي صارفين جي وڏي انگ واٽس ايپ ڇڏي سگنل ۽ ٽيليگرام تي منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ واٽس ايپ کي پنهنجي نئين پاليسي بابت سخت تنقيد کي منهن به ڏيڻو پئجي رهيو هو جنهن سبب واٽس ايپ فوري طور تي اهو فيصلو ملتوي ڪندي فيس بڪ تان صارفين جو ڊيٽا شيئر ڪرڻ جي تاريخ 8 فيبروري کان وڌائي هاڻ 15 مئي ڪري ڇڏي آهي.ان حوالي سان سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري فيصلي کي صحيح قرار ڏيندي چيو ته فيس بڪ جهڙيون ڪمپنيون وڏي آبادي کي متاثر ڪنديون آهن ان ڪري ڊيٽا سيڪيورٽي جهڙا فيصلا صارفين کي علم ۾ هجڻ تمام گهڻو ضروري آهي ۽ ماڻهن جي پرائيويسي کي تحفظ ڏيڻ يقيني هجڻ گهرجي.