اسان لاهور ۾ صفائي جو بهترين نظام آندو، هاڻ ڪچري جو ڍير آهي: شهباز شريف

لاهور: لاهور جي احتساب عدالت ۾ شهباز شريف ڪٽنب خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس جِي ٻڌڻي دوران ايف بي آر شهباز شريف جي انڪم ٽئڪس آڊٽ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، ٻڌڻي دوران شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي ڪوٽ لکپت جيل مان احتساب عدالت ۾ آندو ويو،ٻڌڻي دوران شهباز شريف لاهور ۾ گندگي بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان لاهور ۾ صفائي جو بهترين نظام آندو، هاڻ لاهور ڪچري جو ڍير بڻجي ويو آهي، شهباز شريف پاڻ کي ترڪي ۽ چين دوستي جو بهترين سفير قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت کانئس پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو تحفو استنبول عجائب گهر ۾ پيل آهي، اهُو ڪنهن ڏنو، شهباز شريف جواب ڏنو ته 107 ملين ڊالر گهٽ ڪرائڻ بعد تحفو مهانگو ناهي.