پاڪستان واٽس ايپ جهڙي پنهنجي سوشل ميڊيا ايپليڪيشن تيار ڪري ورتي

اسلام آباد: پاڪستان واٽس ايپ جهڙي پنهنجي سوشل ميڊيا ايپليڪيشن تيار ڪري ورتي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق واٽس جهڙي پنهنجي سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ”اسمارٽ آفس“ تيار ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
هن چيو ته نئين ايپ تجربن جي مرحلي مان گذري رهي آهي، پهرين مرحلي ۾ سرڪاري آفيسر ۽ ملازمن اسمارٽ آفس جي ايپ استعمال ڪندا، اميد آهي ته جون 2021 تائين اسمارٽ آفيس جي نالي سان ايپليڪيشن لانچ ڪنداسين پر اِها آزمائشي بنيادن تي هوندي.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اهڙي طرح جي ٻي ايپليڪيشن ڪنهن ٻئي نالي سان عام پاڪستاني صارفن جي لاءِ به لانچ ڪنداسين، نئين ايپ جي ڊيٽا، ڪميونيڪيشن ۽ ريڪارڊ مڪمل محفوظ هوندو.