آمريڪي بلاگر سنٿيا رچي ۽ رحمان ملڪ هڪٻئي خلاف درخواستون واپس وٺي ڇڏيون

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ امريڪي بلاگر سنٿيا رچي طرفان مختلف ڪيسز واپس وٺڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي، پ پ اڳواڻ رحمان جي وڪيل به سنٿيا رچي خلاف درخواست واپس وٺي ڇڏي، سنٿيا رچي رحمان ملڪ سوڌو ٻين خلاف ڪيسز واپس وٺڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف درخواستون داخل ڪيون هيون، سنٿيارچي جي وڪيل جو چوڻ آهي ته عدالت فيصلو ٻڌائيندي درخواستون منظور ڪري ورتيون آهن.