موڊيز پاڪستان جو بينڪنگ آئوٽ لُڪ مستحڪم قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي موڊيز پاڪستان جو بينڪنگ آئوٽ لُڪ مستحڪم قرار ڏئي ڇڏيو.
عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي موڊيز طرفان پاڪستان جو بينڪنگ آئوٽ لُڪ مستحڪم قرار ڏيندي چيو آهي ته چيلنجن جي باوجود پاڪستاني بينڪنگ سيڪٽر جي نظام ۾ بهتري آئي آهي جڏهن ته حڪومت طرفان سڌارن ۽ پاليسي ۾ بهتري جي ڪري استحڪام آيو. موڊيز موجب 2020ع ۾ بينڪن جي منافعي ۾ واڌ ٿي آهي جڏهن ته پاڪستاني معيشت 2021ع ۾ 1.5 سيڪڙو اوسر جي شرح ڏانهن واپس اچي سگهي ٿي.