شاهد خاقان، شهباز ۽ مريم لاءِ نوازشريف جو اهم پيغام کڻي ملڪ واپس پهچي ويو

اسلام آباد: اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ)ن) جو مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي لنڊن کان ملڪ واپس پهچي ويو آهي.

ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي پرڏيهي اڏام جي ذريعي لنڊن  کان دبئي ۽ ان کان پوءِ اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو. شاهد خاقان عباسي آمريڪا مان واپسي تي 5 ڏينهن لنڊن ۾ ترسيو ۽ اتي هن پارٽي اڳواڻ ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي.

ذريعن ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته شاهد خاقان عباسي شهباز شريف ۽ مريم نواز جي لاءِ نوازشريف جو اهم پيغام به کڻي آيو آهي.

ذريعن ٻڌايو ته شاهد خاقان عباسي سينيٽ چونڊن ۽ پي ڊي ايم تحريڪ جي حڪمت عملي بابت مريم نواز ۽ شهباز شريف جي لاءِ نوازشريف جو پيغام به آندو آهي هو هلندڙ هفتي اهو پيغام ٻنهي اڳواڻن کي پهچائيندو.