سردار ۽ برهان چانڊيو خلاف جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ نيب کي 11 فيبروري تائين مهلت

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو، بُرهان چانڊيو ۽ ٻين خلاف نيب انڪوائري ۾ نيب کي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ 11 فيبروري تائين مهلت ڏئي ڇڏي، سردار خان، برهان چانڊيو ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ به واڌ، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن تي تيل ڪمپني کي سرڪاري زمين ليز تي ڏئي قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.