سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رت ڄمائيندڙ سيءُ ۽ ڪوهيڙي جو راڄ

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رت ڄمائيندڙ سيءُ ۽ ڪوهيڙي جو راڄ، دادو، جوهي، ڪي اين شاهه ۽ ڀان سيد آباد ۾ ڪوهيڙي سبب رستن تي ٽرئفڪ گهٽجي وئي،  نوشهروفيروز، قاضي احمد، مورو، مٺياڻي، منهڙو، نواب ولي محمد، ٻانڌي، ڦل ۽ پڊ عيدن ۾ ڪوهيڙي سبب حدِ نظر گهٽجي وئي، فيض گنج، ڀريا سٽي، مبارڪپور، دريا خان مري، ڪوٽ لالو ۽ ٻين علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ڌنڌ ڇانئجي وئي، موٽروي طرفان مسافرن کي ڪوهيڙي دوران احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.