ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 59 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد : ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 59 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، هڪ هزار 947نوان ڪيس ظاهر، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 10 هزار 409 ۽ ايڪٽو ڪيسن جو انگ 35 هزار 707 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب وڌيڪ هڪ هزار 947 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي مثبت اچڻ جي شرح 5.7 سيڪڙو رهي آهي. ڪورونا سبب وڌيڪ 59 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن.