اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ صبح زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

رپورٽ موجب شانگله، بٽگرام ۽ ڀرپاسي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 4.2 رڪارڊ ڪئي وئي.

زلزلي جو مرڪز دير جي اوڀر ۾ 25 ڪلو ميٽر هو. زلزلي جي زير زمين  گهرائي 30 ڪلو ميٽر هئي. زلزلي سبب في الحال ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.