پيپلز پارٽي ايندڙ سينيٽ چونڊن سميت ضمني چونڊن ۾به حصو وٺندي: وڏو وزير

لاڙڪاڻو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي ايندڙ سينيٽ چونڊن سميت ضمني چونڊن ۾به حصو وٺندي، پ پ جي اسيمبلي ميمبرز استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، حتمي فيصلو 29 ڊسمبر تي ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 13 هين ورسي جي تيارين جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي 13 هين ورسي تقريب ۾ پي ڊي ايم قيادت شرڪت ڪندي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ورسي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هو پاڻ ڳڙهي خدا بخش پهتو آهي، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان جي آمد بابت ڄاڻ ناهي، جلسي کي پي ڊي ايم قيادت خطاب ڪندي. ڍ مراد علي وڌيڪ چيو ته پ پ جي اسيمبلي ميمبرز استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، اهي ڪڏهن ڏيڻيون آهن، ان جو حتمي فيصلو پارٽي قيادت ڪندي، ان لاءِ پ پ جي سي اي سي جو اجلاس 29 دسمبر تي ٿيندو، جنهن ۾ استعيفائن بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو…….