وفاق ۾ عمران خان جي حڪومت پ پ پئي هلائي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي: پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته وفاقي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، ماڻهو سخت ناراض آهن ۽ جلد پنهنجا حق کسي وٺندا، ايم ڪيو ايم جي وزيرن کي حڪومت ڇڏڻ گهرجي. ڪراچي ۾ احتساب عدالت ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم ايجنٽ آهي، سوداگر آهي، مهاجرن جي نالي تي ڪوڙي سياست ڪري رهي آهي.هن چيو ته ڪراچي جي 3 ڪروڙ آبادي کي آدمشماري ۾ گهٽ ڏيکاريو ويو، ايم ڪيو ايم پاڪستان رڳو اختلافي نوٽ ڏنو ۽ وفاقي حڪومت آدمشماري منظور ڪري ورتي.مصطفيٰ ڪمال چيو ته ووٽر لسٽن ۾ ماڻهو وڌيڪ ڏيکاريا ويا، پر آدمشماري ۾ ڪراچي 70 لک ماڻهن کي گهٽ ڏيکاريو ويو، جيسيتائين چوڪيدار تبديل نه ٿيندو، شهر جا مسئلا حل نه ٿيندا.پي ايس پي سربراهه چيو ته نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان خلاف نيب ريفرنس موڪليا ويا پر اڳوڻي ميئر وسيم اختر خلاف ڪو ريفرنس نه آيو، هي اربين رپين جي ڪرپشن ڪري آزاد گهمي رهيو آهي