يتيم نينگري کي پڦيءَ جي سڃاڻپ ڪارڊ تي ب فارم جاري ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، يتيم ٻارڙي کي پُڦيءَ جـَي سڃاڻپ ڪارڊ تي 10 ڏينهن ۾ ب فارم جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.درخواستگذار ماهم رحمان پاران ب فارم جاري ڪرڻ لاءِ درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ڪئي وئي.ٻڌڻيءَ دوران ٻارڙيءَ جي وڪيل عثمان فاروق عدالت کي ٻڌايو ته ماهم جا والدين فوت ٿي چڪا آهن، ٻارڙي تعليم جاري رکڻ چاهي ٿي پر نادرا ب فارم جاري ناهي ڪيو، جنهن سبب ميٽرڪ بورڊ ايدمٽ جارڊ روڪي ڇڏيو آهي.وڪيل موجب ٻارڙي جو ڪو وارث ناهي.بورڊ آفس جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ٻارڙي کي سڃاڻپ ڪارڊ لاءِ ب فارم ضروري آهي، جڏهن ته نادرا جي وڪيل چيو ته عدالت حڪم ڏئي ته ٻارڙي کي بي فارم ٺاهي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.عدالت ٻارڙي جي سرپرست پُڦي جي سڃاڻپ ڪارڊ تي 10 ڏينهن ۾ بي فارم جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.