واٽس ايپ ويب تي وڊيو ۽ وائس ڪالنگ جي آزمائش شروع

بيجنگ: ڪجهه مهينا اڳ واٽس ايپ طرفان صارفين کي خوشخبري ٻڌائي وئي هئي ته هو جلد واٽس ايپ ويب تي وڊيو ۽ وائس ڪالنگ جي فيچر کي شامل ڪرڻ وارا آهن.هاڻ تازو ئي واٽس ايپ جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته فيس بڪ جي ملڪيت ڪمپني واٽس ايپ تي ايندڙ سال وائس ۽ وڊيو ڪالنگ جو فيچر ملي سگهندو.ڪمپني موجب هنن واٽس ايپ ويب تي ڪجهه صارفين جي لاءِ وڊيو ۽ وائس ڪالنگ جي هن فيچر جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي.ياد رهي ته في الحال واٽس ايپ تي صرف موبائل فون صارفين ئي وڊيو ۽ وائس ڪالنگ ڪري سگهن ٿا. پر هاڻ هن نئين اپ ڊيٽ کان پوءِ صارفين واٽس ايپ ويب جو استعمال ڪندي به وڊيو ۽ وائس ڪالنگ ڪري سگهن ٿا پر واٽس ايپ طرفان هن فيچر کي سمورن صارفين جي لاءِ پيش ڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.