نيوزيلينڊ پهرئين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

آڪلينڊ: پاڪستان پهرئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاءِ 154 رنز جو هدف ڏنو جيڪو نيوزيلنيڊ 19 اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو، نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ کيڏل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرئين ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاران مارٽن گپٽل ۽ وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين ٽم سيفرٽ اننگز جي شروعا ت ڪئي، گپٽل 6 رنز ٺاهڻ کانپوءِ شاهين آفريدي جو شڪار ٿي ويو جنهن کانپوءِ ڊيون ڪونوي بيٽنگ لاءِ آيو پر حارث رئوف ان کي به 5 رنز تي واپس پويلين موڪلي ڇڏيو.
گلين فلپس ۽ ٽم سيفرٽ وچ ۾ سٺي شرڪتداري قائم ٿي، فلپس 23 رنز ٺاهڻ کانپوءِ آئوٽ ٿيو البت ڪريز تي ڄميل رهيو ۽ مارڪ چيمپئن سان هڪ ٻي سٺي ڀائيواري قائم ڪري ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردر ادا ڪيو، چيمپئن 34 رنز ٺاهڻ کانپوءِ آئوٽ ٿيو جڏهن ته سيفرٽ شاندار اڌ سينچري اسڪور ڪئي، هو 57 رنز ٺاهي پويلين واپس ٿيو.