سوڀوديرو ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، 2 جوابدار گرفتار

خيرپور: سوڀوديرو ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، 2 جوابدار گرفتار، پوليس مقتول واجد مڱڻيجو جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، قتل الزام هيٺ ثناءُ الله ۽ پرويز مڱڻيجو گرفتار: ڀرياسٽي ويجهو قومي شاھراھ تان ڳوٺاڻي جو لاش ھٿ، پوليس موجب نوجوان جي بشير احمد مري طور سڃاڻپ ٿي آهي، ڪراچي مان 5 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل مورو واسي نوجوان عابد عباسي جو ملير ندي مان لاش ھٿ آيو.