شاهه محمود قريشي جي اماراتي پرڏيهي وزير سان ملاقات

دبئي: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي دبئي ۾ متحده عرب امارات (يو اي اي) جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ ٻنهي پاسن جي معاملن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وسيع ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ گهرا تاريخي ۽ برادراڻا لاڳاپا آهن، يو اي اي هر ڏکي گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.

پرڏيهي وزير پنهنجي اماراتي هم منصب کي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ امن امان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو، ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ افغنستان ۾ امن جي قيام جي حوالي سان هن وقت تائين سامهون ايندڙ مثبت اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.