وزير اعظم ڪابينا ڪميٽيز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : وزير اعظم  ڪابينا ڪميٽيز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ناڻي وارو وزير حفيظ شيخ نجڪاري ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽيز جو چيئرمين مقرر، اسد عمر کي سي پيڪ ۽ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو سربراهه هوندو، شفقت محمود کي ادارن جي سڌارن بابت ڪابينا ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.