پي ڊي ايم جو لاهور وارو جلسو ضرور ٿيندو،ڪيترا به ڪيس داخل ڪيا وڃن ڪو فرق نٿو پوي:شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جنهن کان ريلوي کاتو نه هليو ان کي گهرو وزارت ڏني وئي، جنهن کان گهرو کاتو نه هليو ان کري وري نارڪوٽيڪس واري وزارت جو قلمدان مليو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته هن ڪابينا جي خاص ڳالهه اها آهي ته هر وزير پنهنجي ڪم کانسواءِ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، ڏنڊو هلائڻ ۾ اسان به ٿوري گهڻي مهارت رکندا آهيون. شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ڊي ايم جو لاهور وارو جلسو ضرور ٿيندو، ڪيترا به ڪيس داخل ڪيا وڃن ڪو فرق نٿو پوي، هي ملڪ ڪرپشن ۽ نالائقي برداشت نٿو ڪري سگهي، ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي عوام سڀ ڏسي پيو، اهڙي حڪومت آهي جنهن کي سمجهه نه پئي اچي، جيڪڏهن کين ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته عمل ڪرڻ نٿو اچي.