ايف بي آر طرفان ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندڙن کي هدايت

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس ادا ڪندڙن لاءِ پڌرائي جاري ڪئي آهي.
ايف بي آر جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪس گذارن کي واڌ ٿيل تاريخ گذرڻ کان پوءِ به ريٽرنز جمع ڪرائڻ جي اجازت آهي ۽ ٽيڪس گذار جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي پنهنجا ٽيڪس گوشوارا داخل ڪن.
ايف بي آر جي پڌرائي موجب دير سان گوشوارا فائل ڪرڻ تي قانونن ڏوهه به انهيءَ حساب سان هوندو ۽ ٽيڪس ريٽرنز داخل نه ڪندڙن جي خلاف قانون جي موجب جلد ڪارروائي ڪئي ويندي.