مڪي آرٿر، سرفراز احمد کي وڏن وڏن ڪپتانن کان بهتر قرار ڏئي ڇڏيو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته سرفراز احمد ۾ هڪ اهڙي خوبي هئي، جيڪا مون وڏن وڏن ڪپتانن ۾ نه ڏٺي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر عامر سهيل جي يوٽيوب چئنل تي ساڻس ڳالهائيندي مڪي آرٿر سرفراز احمد کي بهترين انسان قرار ڏيندي چيو ته مون کي گريم سمٿ، مائيڪل ڪلارڪ ۽ مصباالحق سان گڏ ڪم ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي، اهي سڀ سٺا ليڊر هئا پر سرفراز ۾ هڪ شئي اهڙي هئي، جيڪا مان اڳ ڪڏهن نه ڏٺي.
سندس موجب سرفراز بهترين ليڊر هو ۽ ميدان ۾ پنهنجي هلائيندو هو پر ان ۾ هڪ خوبي هئي ته ڊريسنگ روم ۾ انتهائي ڀائراڻي انداز ۾ رانديگرن سان پيش ايندو هو.
هن چيو ته مان ماڻهن کي ڏٺو آهي ته اهي گرائونڊ ۾ ڪيئن پيش ايندا آهن پر ڊريسنگ روم ۾ سرفراز جو ٻيو روپ نه ڏٺو ۽ اتي هو هڪ انتهائي مقبول ليڊر هو، سرفراز سان تمام سٺا لاڳاپا هئا ۽ ان سان گڏ ڪم ڪري سدائين مزو آيو.
مڪي آرٿر هاڻوڪي هيڊ ڪوچ مصباح الحق کي صلاح ڏيندي چيو ته توهان جي پنهنجي فيصلن، رانديگرن جي چونڊ ۽ ڪوچنگ ۾ مستقل مزاجي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، اها سڀ کان اهم ڳالهه آهي، ڇو ته اها رانديگرن کي مٿي آڻيندي.