لاهور ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 5 دهشتگرد گرفتار

لاهور: ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ (سي ڊي ڊي) لاهور دهشتگردي جو هڪ وڏو منصوبو ناڪام بڻائيندي 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي.

سي ٽي ڊي عملدارن موجب گرفتار دهشتگردن لاهور ۾ سول سيڪريٽريٽ کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.

عملدارن موجب دهشتگردن جي سڃاڻپ ثمرقند، عبرالرحمان ، وزيرگل، عصمت الله ۽ عمران جي نالي سان ٿي آهي، هنن خلاف سي ٽي ڊي لاهور ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن وٽان دستي بم، هٿيار، افغان ڪرنسي، موبائل فونز ۽ حساس جاين جي وڊيو هٿ ڪئي وئي آهي.

پوليس عملدارن موجب شروعاتي جاچ موجب دهشتگرد 2 مهينا اڳ افغانستان کان آيا هئا، هنن کي افغان اٽليجينس ايجنسي جي انڊر ڪور جلال آباد ۾ ٽاسڪ ڏنو هو.

عملدارن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو نمائندو به آهي موجود هو جڏهن ته دهشتگردن کي فنڊز به را جي آفيسر ڏنو.