سنڌ ڪابينا برسات متاثرن کي معاوضي لاءِ 4 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا برسات دوران فوت ٿيلن جي پونيئرن کي هڪ- هڪ لک رُپين جو معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، تازين برساتن ۾ 149 ڄڻا فوت ٿيا هئا، برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن جي زخمين کي به -25 هزار رُپيا معاوضو ڏيڻ جي منظوري، گهر تباهه ٿيڻ جو معاوضو 25 هزار رُپيا مقرر، سنڌ ڪابينا برسات متاثرن جي مدد لاءِ وفاقي حڪومت کان 4 ارب رُپيا گهري ورتا، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران برسات سبب ننڍي ڪاروبار ۽ فصلن جي تباهي تي متاثرن کي رليف ڏيڻ جو فيصلو، آبادگارن ۽ ننڍين واپارين کي ٽئڪس ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڏو وزير مراد علي شاهه برسات متاثرن جي مالي سهائتا لاءِ وفاقي سرڪار کي خط لکندو.