افتخار شالواڻي کي هڪ ئي وقت ٻن عهدن جي چارج ڏيڻ تي سنڌ سرڪار، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري

ڪراچي :ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر افتخار شالواڻي کي هڪ ئي وقت ٻن عهدن جي چارج ڏيڻ تي سنڌ سرڪار، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي اضافي چارج ڇو ڏني وئي؟ ڇا صوبي ۾ ڪو ٻيو قابل آفيسر نه آهي، جنهن کي ڪمشنر ڪراچي مقرر ڪيو وڃي، عدالت ڌُرين کان جواب طلب ڪري ورتو.