سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ يوم دعا ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ يوم دعا ملهايو پيو وڃي ، جمعي جي نماز جي ميڙن ۾ ڪورونا کان تحفظ جون دعائون به گهريون ويون .

صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ ڪورونا جي حوالي سان ٿيل وڊيو ڪانفرنس ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ اڄ سڄي ملڪ ۾ دعا جو ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

صدر عارف علوي جو چوڻ هوته مسجدن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو ، ڪورونا کان بچاءَ لاءِ الله جي درتي اچڻ ضروري آهي جڏهن ته وفاق المدراس ڪورونا ايس او پيزتي عمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي