حڪومت جي اثرائتي مداخلت سبب کنڊ جي قيمتن ۾ لاٿ ٿي آهي:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد :وزير اعظم عمران خان ٽوئٽ بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته 20 ڏينهن ۾ کنڊ جي قيمت ۾ في ڪلو 20 رپيا لاٿ ٿي آهي. عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي اثرائتي مداخلت سبب کنڊ جي قيمتن ۾ لاٿ ٿي آهي، صوبن کي ڪمند جون رهتون ڏيڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن، ڪمند جي ڪريشنگ وقت سر يقيني بڻائي وڃي.