آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور، اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران حسين لوائي، طحهٰ رضا، اقبال نوري ۽ ٻيا جوابدار پيش، نيب جو شاهد به دستاويزن سان گڏ پيش ٿيو، احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن واري ريفرنس تي به ٻڌڻي، نيب پراسيڪيوٽر ۽ شاهد پيش، عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ٻين جوابدارن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.