لاهور: قومي احتساب بيورو(نيب) جو اڳوڻو ڊپٽي چيئرمين ۽ سينئر بيورو ڪريٽ حسن وسيم افضل عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب حياتي وڃائي ويٺو.
مرحوم حسن وسيم جي گهر واري موجب حسن وسيم افضل کي ڪورونا سبب 5 ڏينهن اڳ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو جتي سندس حالت خراب ٿيڻ تي کيس وينٽي ليٽر تي رکيو ويو هو.
مرحوم حسن وسيم افضل گهرو سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري، گورنر۽ وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ اهم عهدن تي مقرر رهي چڪو هو.
حسن وسيم افضل آصف زرداري، بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف جي پرڏيهي اثاثن جي جاچ به ڪئي هئي.