حڪومت اسٽيل ملز جي مازمن جي برطرفي وارو پورهيت دشمن فيصلو واپس وٺي: شيري رحمان

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان پاڪستان اسٽيل ملز مان پنجن هزارن کان وڌيڪ ملازمن کي ڪڍڻ جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت پورهيت دشمن فيصلو واپس وٺي.جاري ڪيل بيان ۾ پ پ اڳواڻ چيو ته تباهي سرڪار جبري برطرفيون ڪري اسٽيل ملز کي وڪڻي ڇڏيندي.هن چيو ته ملازمن جي برطرفي جو فيصلو وزير اعظم ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو.پ پ سينيٽر چيو ته روزگار ڏيڻ جون دعوائون ڪندڙ سرڪار، ملازمن کي بيروزگارڪري رهي آهي،ڪرونا جي ڏينهن ۾ شهرين کي بيروزگار ڪرڻ ظلم آهي.هن چيو ته وزيراعظم ادارن جي بحالي جي ڳالهه ڪندو هو، هاڻ هر اداري جي نجڪاري ڪري حڪمران پنهنجي ناڪامي لڪائي رهيا آهن.